بيدل سائينءَ جو رسالو

بيدل سائينءَ جو رسالو

بيدل سائينءَ جو رسالو

بيدل سائينءَ جو رسالو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري صوفي بزرگ شاعر بيدل جي سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن جو مرتب ناليوارو محقق اختر درگاهي آهي. هن رسالي جي شروع ۾ فقير قادر بخش بيدل جي سوانح حيات، بيدل سائين جي ڪلام جو مختصر جائزو، تاريخي ۽ سياسي پسمنظر، بيدل جي اردو ڪلام جو جائزو، بيدل سائينءَ جو رسالو، سنڌي ڪافيون، سرائيڪي ڪافيون، اردو ڪلام پڻ شامل آهي. جڏهن ته رسالي ۾ 317 ڪافين کي الف ب وار ترتيب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ‘اداري پاران’ ثقافت کاتي جي ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصري، ‘پنهنجي پاران’ ۽ ‘پيش لفظ’ مرتب پاران لکيو ويو آهي. 468 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب کي ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ، آگسٽ 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو